جيمس لوئيس مينس

جيمس لوئيس مينس: جيمس لوئيس مينس، تاريخدان، شاعر، ڪيات، علم نباتات جو ماهر، قديم آثارن جو ماهر ۽ سيلاني ٿي گذريو آهي. عملي زندگيءَ ۾ هي پهرين فوج ۾ سپاهي هو. ملازمت دوران هن کي 14 روپيا هر روز سامان ۽ ڪجهه سادا ڪپڙا ملندا هئا. هي فوج ڇڏڻ کانپوءِ سيلاني ٿي ويو. جيمس مين جي باري ۾ جواهر لال نهرو پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: مينس پنهنجو سفر پيرين اگهاڙي ڦاٽل ۽ دز ۾ لٽيل ڪپڙن سان ڪيو. هي افغانستا، ازبڪستان، هندستان جا ڳرا پٽ لتاڙيندو رهيو. هي پاڻ کي آمريڪا جي ڪينٽڪي شهر جو رهاڪو سڏائيندو هو. مينس مختلف قومن، جهڙوڪ افغاني، بلوچ، پنجابي، بروهي، منگول ۽ سنڌين سان پنهنجا ڪلها گسائيندو رهيو. هن انهن قومن جي سياست، تاريخ جاگرافي، نباتات ۽ آثار قديمه تي تحقيق ڪئي ۽ مختلف مشهور جڳهين جون تصويرون پڻ ڪڍيون. مينس 1829ع ۾ سنڌ ۾ شڪارپور شهر کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن پنهنجي تحقيق ۾ شڪارپور جي بينڪرن، واپارين ۽ شڪارپور جو ڏکڻ ايشيا ۾ واپار تي پڻ گهڻو ڪجهه لکيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو